SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


هيڪلائپ وارو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


هيڪلائپ وارو نظريو

Isolationism

آئسوليشنزم

هيءُ مختلف نظرين ۽ خاص طور پرڏيهي پاليسيءَ جي حوالي سان استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهي. هن صورتحال ۾ هڪ رياست دُنيا جي ٻين رياستن سان پنهنجا سياسي ، معاشي ، فوجي ، سفارتي ، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا تمام گهڻا گهٽائي يا مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيندي آهي. انهيءَ صورتحال جو عملي مُظاهرو ڪندي، هڪ رياست بين الاقوامي نظام ۾ موجود سگهارين ڌُرين کان جاگرافيائي حوالن سان پاڻ کي جُدا ڪري، فقط پنهنجن وسيلن تي ڀاڙڻ لڳندي آهي. اهڙي رياست ٻيءَ ڌُر يا رياست سان سياسي، سفارتي يا فوجي ناتن جي بحاليءَ کان لنوائيندي پاڻ کي وڌيڪ محفوظ سمجهندي آهي. اها پاليسي ڪا ننڍي رياست وڏي رياست جي ڏاڍ کان بچڻ يا وڏي رياست ٻين رياستن جي اهميت کي نظرانداز ڪندي اختيار ڪندي آهي. هن ڏس ۾ آمريڪي صدر ’ جارج واشنگٽن‘ جون 1789ع کان مارچ 1799ع تائين اها پاليسي اختيار ڪندي، آمريڪا طرفان ڪنهن ٻئي مُلڪ سان ڪنهن به قسم جي ”مستقل اتحاد“ ڪرڻ کان ڪيٻايو. ساڳي طرح جاپان 1936ع تائين يورپي مُلڪن جي گڏيل حڪمت عمليءَ جو حصو ٿيڻ کان پاسيرو رهيو. هيءُ نظريو اوڀر يورپ جي مُلڪن طرفان، اولهه يورپ جي مُلڪن سان لاڳاپن ۾ ٿڌائپ يا سرد مهريءَ جي حوالي سان به ڪافي مشهور هيو. هيءُ نظريو عدم مداخلت ۽ تڪرار کان پنهنجو وجود بچائڻ وارن ٻن نُڪتن تي بيٺل آهي


Remember Me Also:

ڊڪڻ

مصدر. مڇيءَ جو آواز ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal